Hin Ratain Rah Me
سنڌ جي هاري تحريڪ تي محب ڀيل جو ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” ڀاڱو پهريون سنڌ واسين لاءِ انتهائي اهم قلمي پورهيو آهي. هن ڪتاب جو سرجيندڙ هِن ڀونءَ (سنڌ ڌرتيءَ ماتا) جي وارثن ۽ ارتقائي ابتدائي ڀاڳين دراوڙن جو رت آهي. جنهن جي وڏڙن هزارين ورهين اڳ جڏهن دنيا جهان جا انسان اڃان حيواني حيثيت ۾ ڇڙوڇڙ زندگي سان ج